پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

عبدالغفور ميمڻ پروفيسر

عبدالغفور ميمڻ، پروفيسر: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ، لاڙ جي شهر دڙي، ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) ۾، 25 آگسٽ 1962ع ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، انٽر گورنمينٽ ڪاليج سجاول مان ڪرڻ بعد 1980ع کان اسٽيل مِل ۾ مزدور جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. شفٽن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ سان گڏ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان ايم. اي (سنڌي) 1992ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ پڻ ايم. اي ڪئي. 1995ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ۾ رجسٽر ٿيو، جتان 2000ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين جي رهنمائيءَ ۾ ‘سنڌي ادب جو فڪري پس منظر’ تي ٿيسز لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ اسٽيل مل جي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان پنجن سالن تائين پڙهائيندو رهيو. اسٽيل مل ۾ ڊائون سائزينگ جي ڪري پاڻ اتان نوڪري ڇڏي، شاهه لطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ دوران 2001ع ۾ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو، پر ڪنهن اسٽي آرڊر وٺي کيس جوائن ڪرڻ نه ڏنو. ان وچ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرر لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، پر پوسٽنگ سانگهڙ ۾ ملڻ ڪري نوڪري جوائن نه ڪيائين. آخر 2003ع ۾ ڪيس ختم ٿيڻ ۽ اسٽي خارج ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 2014ع ۾ سليڪشن بورڊ مان ڪاميابي ماڻي پروفيسر جي عهدي تي پهتو. ساڳئي سال پاڻ سنڌي شعبي جو چيئرمئن ٿيو. آڪٽوبر 2016ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي سرچ ڪاميٽيءَ کيس سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري لاءِ چيئرمئن چونڊيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي سفارشون موڪليون. جتان کيس آرڊر ملڻ جي نتيجي ۾ پاڻ 14 آڪٽوبر 2016ع تي چيئرمئن مقرر ٿيو. سندس لکڻين جو موضوع تصوف، نفسيات، فلسفو، ادبي تحريڪون، ادبي تنقيد، شاهه لطيف، لسانيات ۽ سماجي ۽ سياسي اڀياس آهن. پاڻ هڪ ئي وقت ڪالم نويس، مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ محقق رهيو آهي. پاڻ 50 کان وڌيڪ مختلف ڪتابن جا مقدما پڻ لکيا اٿس. ڊاڪٽر صاحب هن وقت ڪيترن جرنلن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل آهي. ساڳئي وقت ايڇ. اِي. سِي جي سنڌي نصابي ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر آهي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پاڪستاني ٻولين جي شعبي ۾ نصابي ڪاميٽيءَ جي ميمبر سان گڏ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جو ٽيوٽر ۽ سڀني يونيورسٽين جي سنڌي ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز جو examiner آهي. پاڻ 2017ع کان ٻن سالن لاءِ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. 2018ع کان پاڻ مرزا قليچ بيگ چيئر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو تعلق غريب گهراڻي سان آهي. سڄي زندگي پاڻ محنت مشقت ڪري گذاري اٿس. پاڻ شاگرديءَ واري دور ۾ سياسي طور ڊي. ايس. ايف ۾ سرگرم رهيو. ادبي زندگيءَ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت، گلشن حديد جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهيو. اڄ به سنگت جو ميمبر آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر ۾ ڪيترا سٺا شاگرد پيدا ڪيا آهن، جيڪي دنيا جي مختلف ڪاروهنوار ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ست ڪتاب لکيل آهـن، جن ۾: (1) ‘جتي نينهن اڇل’ (ڪهاڻين جو مجموعو: 1995ع)، (2) ‘سنڌي ادب جو فڪري پس منظر (تحقيق: 2002ع)، (3) ‘گلدستو’ (نصابي ڪتاب: 2004ع)، (4) ‘انسان، سماج ۽ فطرت’ (سماجي، فڪري ۽ نفسياتي مضمونن تي ٻَڌل ڪتاب: 2005ع)، (5) ‘شاهه لطيف جا فڪري رخ’ (تحقيق: 2015ع)، (6) ‘جديديت پڄاڻان’ (تنقيد: 2016ع)، ۽ (7) ‘سنڌي سماج، نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾’ (نفسيات جي موضوع تي ڪتاب: 2017ع) شامل آهن. سندس پي. ايڇ. ڊي جو مقالو ڪافي شهرت ماڻي چڪو آهي. جنهن جا ٻه ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. پهريون ايڊيشن 2002ع ۾ شاهه لطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايو ويو، ٻيو ايڊيشن 2017ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپايو ويو. هي ڪتاب ڪيترين ئي يونيورسٽين پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جا 40 کان مٿي تحقيقي مقالا مختلف جرنلز (جيڪي HEC کان منظور ٿيل آهن) ۾ ڇپجي چڪا آهن. مختلف موضوعن تي 200 کان وڌيڪ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ: عوامي آواز، جاڳو، سنڌ ايڪسپريس، ساڃاهه، سوجهرو ۽ همسري ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ ڪيتريون ئي قومي ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ڪرايا اٿس ۽ ڪيترين بين الاقوامي ۽ قومي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پڙهي چڪو آهي. سندس ڪيترا ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيتريون شيلڊون، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.08.25  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ، لاڙ جي شهر دڙي، ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) ۾، 25 آگسٽ 1962ع ۾ جنم ورتو.


2016.10.14  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي آڪٽوبر 2016ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي سرچ ڪاميٽيءَ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري لاءِ چيئرمئن چونڊيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي سفارشون موڪليون. جتان کيس آرڊر ملڻ جي نتيجي ۾ پاڻ 14 آڪٽوبر 2016ع تي چيئرمئن مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
سجاد علي شاهه جسٽس
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
دين محمد ڪنڀار
عبدالقادر منگي
صغير الاهي کچي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
سيده شهلا رضا
اميشا پٽيل
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون